اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو آهي ته ڀڳوڙن ۽ ڪرپشن جي بي تاج بادشاهن جا ترجمان ڪوڙ جي مقابلي ۾ هڪٻئي تي برتري حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آهن، قومي خزاني کي بي دردي سان لٽڻ، مني لانڊرنگ ۽ ??عل?? اڪائونٽس انهن جو شيوو آ??ي، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي حڪومت جي دور ۾ ٽي ڀيرا ملڪ ڏيوالي ٿيڻ جي چائنٺ تي پهتو، ٻاهرين ملڪ قرضن جو بنياد به ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي رکيو، هميشه چور رستي تان اقتدار جي عادت، ٺپا لڳائڻ، ٺپا چوري ڪرڻ ۽ چونڊ عم??ي کي اغوا ڪرڻ وارن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو نظام ڀائين نٿو پوي. مريم اورنگزيب ۽ شيري رحمان جي بيانن تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حب??ب چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ 40 هزار ڊونرز جي ڊيٽا ۽ 16 واليم جمع ڪرايا، پنجن سالن کان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي فارن اڪائونٽس تائين پهچ ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آ??ي، قوي امڪان آهي ته انهن ٻنهي پارٽين پارٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو هوندو ان لاءِ اسان کي پهچ نه ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پي ايم ڊي اي تي سڀني لاڳاپيل ڌرين جا خدشا ختم ڪنداسين، ماضي ۾ بنا ڪنهن مشاو??ت جي رات پيٽ ۾ قانون ٺهي ويندا هئا، اسان قانون ٺاهڻ کان پهرين لاڳاپيل ڌرين سان مشاو??ت جو بنياد رکيو آهي.