اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس ايند انڊسٽريز جي ڪاروباري ??عتماد جي سروي ۾ پاڪستان جي رينڪنگ جي بهتري تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آ??ي ته ملڪ ۾ ڪاروبار لاءِ سازگار ماحول تي خاص طور تي ٻاهرين سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ نمايان اضافو ٿيو آ??ي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته معاشي محاذ تي وڌيڪ خوشخبري ??ئي آهي. اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز او ??ءِ سي سي ??ءِ جي ڪاروباري ??عتماد جي سروي (بي سي آءِ) ۾ پاڪستان مئي 2020ع جي منفي 50 سيڪڙو مان بهتر ٿي 59 سيڪڙو جي بهتري ??ان گڏ 9 تي بيٺل آهي، وزيراعظم چيو ته اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي ميمبرن جو اعتماد 108 سيڪڙو جي انقلابي تبديلي سان 2020ع جي منفي 74 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 34 سيڪڙو ٿي چڪو آ??ي. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار خاص طور تي ٻاهرين سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ اهو ڊرامائي اضافو آ??ي.