اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪ??ر عارف علوي سان نيزه باز ارشد نديم ۽ ويٽ لفٽر طلحه طالب ملاقات ڪ??ي آهي. ايوان صدر ۾ ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪ??ر عارف علوي سان ٽوڪيو اولمپڪس ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني ايٿليٽس نيزه باز ارشد نديم ۽ ويٽ لفٽر طلحه طالب ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر ف??ميده مرزا به شريڪ هئي. صدر ٽوڪيو اولمپڪس ۾ نمايان پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ايٿليٽس جي ڪارڪردگي کي ساراهيو. هن چيو ته ٻنهي رانديگرن بهتر راند جو مظاهرو ڪري ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي، صدر اميد ظاهر ڪئي ته ايٿليٽس مستقبل ۾ ان کان به بهتر ڪارڪردگي ڏيکاريندو. ان موقعي تي صدر ڊاڪ??ر عارف علوي حوصلا افزائي لاءِ ٻنهي ايٿليٽس ۾ انعامي چيڪ به ورهايا.