ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي معاملن تي گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي اج??اس منعقد ڪيو ويو. گورنر هائوس مان جاري ڪيل پر??س رليز موجب اجلاس ۾ ڪي فور ۽ ٽي پي فور پراجيڪٽس بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، ايم پي اي حليم عادل شِخ، ايم پي اي فردوس شميم نقوي ۽ حبڪو جي ما??رن جي 5 رڪني ٽيم اجلاس ۾ شريڪ ٿي، صدر ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ جهڙا امڪان ڳولڻ جي هدايت ڪئي، ان ڏس ۾ پاڻي جي پائيدار حل لاءِ ما??رن تي ٻڌل هڪ ٽيم به جوڙي وئي جنهن جي رپورٽ ۽ عملي سفارشن تي عملدرآمد جون به هدايتون ڏنيون، هن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندا هجڻ جي ناطي اسان جي ذميداري آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪريون، ما??رن جي ٽيم پاڻي جي دستياب وسيلن، جاري منصوبن ۽ مستقبل جي اسڪيمن جي حوالي سان به آگاهي فراهم ڪئي.