اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ج?? حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي، موج??ده حڪومت پنهنج?? حڪومتي دور ۾ ميڊيا تي ڪڏهن به ڪا پابندي نه لاڳو ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته موج??ده حڪومت ۾ سڀني کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي، پاڪستان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت اسٽيڪ هولڊرز سان خيالن جي ڏي وٺ جي هڪ ڪميٽي ج??ڙي وئي آهي، هڪ سوال جي ج??اب ۾ هن چيو ته حڪومت عام ماڻهو جي طرز زندگي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ملڪ ۾ قانون ج?? حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ گڊ گو??ننس کي يقيني بڻائي رهي آهي