اسلام آباد – 19 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سفير کي ڪڍڻ ۽ فرانس سان لاڳاپا ختم ڪرڻ سان فرانس جو ڪجهه نه بگ??جن??و، يورپي ۽ اولهه ملڪ ناموس رسالت صه جي معاملي کي اظهار جي آزادي جو مس??لو سمجهن ٿا، فرانس کانپوءِ اسان ٻئي ڪهڙي ملڪ جي سفير کي واپس موڪلينداسين، 50 اسلامي ملڪن مان ڪٿي به اهڙي قسم جا مظاهرا نه ٿيا نه ڪنهن سفير کي واپس موڪليو، مسلمان دنيا کي گڏجي اولهه کي سمجهائڻو پوندو ته اهو اظهار جي آزادي جو مس??لو نه آهي، آئون ان جي ذميواري کڻان ٿو ۽ ان ??هم جي قيادت ڪندس، گذريل هفتي ج?? صورتحال سان ملڪ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو، ٻاهر جا دشمن به ان صورتحال ۾ شامل ٿي ويا، 4 لک ٽوئيٽس مان 70 سيڪڙو جعلي اڪائونٽس تان ڪيا ويا، ڀارت جعلي ويب سائيٽن ذريعي پروپئگنڊه ڪري ر??يو آهي، (ن) ليگ ۽ مولانا فضل الرحمان جي پارٽي به حڪومت کي نقصان پهچائڻ لاءِ گڏجي ويا. پاڪستان ٽيليويزن تي قوم کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته گذريل هفتي دوران افسوسناڪ حالتون پيش آيون.