اسلام آباد – 21 – جنوري (اي پي پي) اطلاعا?? ۽ ??شريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته براڊشيٽ معاملي تي پهرين ئي وزيراعظم عمران خان ا??ڪوائري ڪميٽي ٺاهي چڪو آهي، جيڪا 45 ڏينهن ۾ انڪوائري مڪمل ڪندي. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعا?? ۽ ??شريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين جاويد لطيف جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ منعقد ٿيو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته انڪوائري رپورٽ اطلاعات واري ڪميٽي سان ش??ئر ڪئي ويندي، وفاقي وزير چيو ته براڊشيٽ معاملو اطلاعات واري ڪميٽي جي دائري ۾ نٿو اچي، اهڙي وقت ۾ جڏ??ن انڪوائري ڪميٽي قائم ٿي چڪي هجي ته ڪميٽي پاران ن??ب چيئرمين جي طلبي مشڪلات پيدا ڪندي. هن تجويز ڏني ته جڏ??ن انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ايندي ته ڪميٽي ان کانپوءِ ضروري سمجهي ته ان معاملي کي بحث هيٺ آڻي.