اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته علاج جون معياري سهولتون هر شهري جو بنيادي حق آهي، حڪومت صحت جي شعبي ۾ سڌارا شروع ڪيا آهن، نجي شعبي کي ڏورانهن علائقن ۾ اسپتال قائم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن تعاون فراهم ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج تي بريفنگ دوران ڪيو. بريفنگ ۾ صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان به موجود هو جڏهن ته پنجاب جي صحت واري وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، و??ير??عظم کي آگاهه ڪيو ويو ته پنجاب جي سمورن مستقل رهواسين کي ڊسمبر 2021ع تا??ين صحت ڪارڊ جي سهولت ميسر ٿي ويندي جنهن جي ڪري سرڪاري ۽ پرائيويٽ ا??پتالن م علاج ممڪن ٿي سگهندو.