پشاور – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اي پي ايس پشاور سانحي پوري قوم کي متحد ڪري ڇڏيو، دهشتگردي جي ان افسوسناڪ واقعي جي ڪري دل اڄ به ڏکويل آهي، ماڻهن کي صحت جي سهولتن جي فراهمي حڪومت جي اولين ذميداري آهي، خيبرپختونخوا حڪومت جو سمورن شهرين کي مفت علاج جي سهولت ڏيڻ انتهائي اهم قدم آهي، پوئتي پيل گهراڻن ۾ ??يم??ري جي ڪري سڄو خاندان غربت ۾ هل??و ويندو آهي، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد سهولتن کي بهتر بڻ??ئڻ آهي، سرڪار?? اسپتالن جو معيار به اهڙو هجڻ گهرجي ته هو نج?? اسپتالن جو مقابلو ڪري سگهن، حڪومت وٽ ته ايترا وسيلا نه آهن ته هو پوري ملڪ ۾ اسپتالون ٺاهي، هيلٿ ڪارڊ جاري ڪرڻ صحت جي شعبي ۾ انقلاب آڻيندو، اسپتالن ۾ سڌارن جو مقصد نجڪاري نه پر ماڻهن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انتظامي معاملن کي بهتر بڻ??ئڻ آهي، ڪنهن اداري ۾ جيڪڏهن سزا ۽ جزا جو عمل نه هوندو ته اهو ڪامياب نه ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور انسٽيٽيٽوٽ آف ڪارڊيالوجي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.