اسلام آباد – 16 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪي اليڪٽرڪ جي ٽيرف ۽ ملڪ ۾ گئس جي قيمتن جي تعين جي نظام بابت مع??مل?? تي غور ڪرڻ جي حوالي سان اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو، اجلاس ۾ وفاقي وزيرن سيني??ر شبلي فراز، پرويز خٽڪ، ڊاڪٽر فهميده مرزا، امين الحق، اسد عمر، عمر ايوب خان، ميان محمد سومرو، صلاحڪارن ڊاڪٽر حفيظ شيخ، ڊاڪٽر عشرت حسين، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، خيبرپختونخوا جو وڏو وزير محمود خان، خاص مددگار ڊاڪ??ر شهباز گل، نديم بابر، شهزاد ??اسم ۽ ٻيا به شريڪ ٿيا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب ڪي اليڪٽرڪ بابت ٽي??ف ۾ اضافي جي تجويز تي غور ڪندي اجلاس کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ سال جنوري ۾ نيپرا جي سفارشن موجب سڄي ملڪ ۾ ٽي??ف ۾ اضافو ڪيو ويو هو تنهن هوندي به ڪي اليڪٽرڪ جي ٽي??ف ۾ ڪو به اضافو نه ڪيو ويو هو جنهن جي ڪري وفاقي حڪومت کي سراسري ٽي کان چار ارب روپيا ماهوار جي سبسڊي ڏيڻي پئجي رهي آهي،