اسلام آباد – 03 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پارليامينٽ جي اندر اهم قومي سلامتي جي ??سئ??ي تي قانون سازي جو عمل شروع ??يو آهي اهي ملڪ جي سلامتي جو معاملو آهي جنهن تي پوري ق??م متحد آهي، آئيني لحاظ کان قانون ۾ جيڪي جهول هئا اهي ختم ڪيا پيا وڃن، پاڪستان جي دشمنن کي معلوم هجڻ گهرجي ته قوم پنهنجي هٿياربند فوج سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيٺل آهي، سويلين بالادستي طرف اهم اڳڀرائي آهي جيڪڏهن قيادت ۾ ويزن ۽ ??صي??ت هجي ته ملڪي تقدير بدلجي سگهي ٿي.