اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سڀاڻي ڇنڇر کان لاڪ ڊائون ??ي مرحليوار ختم ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان جي ڪري عام ماڻهو جي زندگي مشڪل ۾ آهي ۽ ننڍي ۽ وچين درجي جي ڪاروباري طبقي، ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدورن، پورهيتن، دڪاندارن، رڪشي ۽ ٽيڪسي ڊرائيورن سميت هيٺئين درجي جي طبقي کي ??خت مشڪلاتن ??ي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، عوام ايس او پيز جي سختي سان پاڻمرادو پابندي ڪري، پوليس ذريعي ڇاپا هاڻي اهو مسئلو حل نه ٿو ڪري سگهجي، پبلڪ ٽرانسپورٽ کولڻ تي صوبن جا خدشا آهن، انهن کان??وا??ِ فيصلا نه ٿا ڪرڻ چاهيون، صوبن سان مشاورت جاري رکنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته 26 فيبروري تي ڪورونا جو پهريون ڪيس سامهون آيو، 13 مارچ تي جڏهن ملڪ ۾ رڳو 26 ڪيس ه??ا ته حڪومت لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو ۽ تڏهن کان اڄ تائين حڪومت مختلف قسم جي ميڙن ۽ عوامي ميڙ وارين جاين کي ??ند ڪيو آهي. هن چيو ته اهو وائرس تيزي سان پکڙجي ٿو ۽ تمام جلدي هڪ کان ٻئي ماڻهو ??ي منتقل ٿئي ٿو، ان لاءِ ان جي ڦهلاءُ کي ??وڪڻ جو ذريعو سماجي فاصلو ئي آهي.