اسلام آباد – 14 اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا کي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام ۽ ناڻي واڌ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ٻن آرڊيننس جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، آرديننس ۾ ذخيره اندوزن ۽ اسمگلنگ ڪندڙن جي لاءِ سخت سزائون تجويز ڪي??ن ويون آهن، اهو قدم ناجائز منافعي خوري ۽ ذخيره اندوزي جي خاتمي لاءِ و??يراعظم عمران خان جي ويزن موجب رليف هيٺئين سطح تي پهچائڻ لاءِ هڪ قانوني ڪوشش آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ و??يراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته وزيراعظم جي هدايت تي اڏاوتن جي شعبي ۾ آسانيون فراهم ڪرڻ جي لاءِ و??يراعظم جي هدايت تي آرڊيننس آن??و پيو وڃي، ذخيره اندوزي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام سان گڏوگڏ ناڻي واڌ کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ ضروري شين ??ي فراهمي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ و??يراعظم جي هدايت تي آرڊيننس ۾ ذخيره اندوزن ۽ اسمگلنگ ڪندڙن جي لاءِ سخت سزائون تجويز ڪي??ن ويون آهن. وفاقي ڪابينا قانونسازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي 3 اپريل ??ي فيصلن، اقتصادي رابطا ڪميٽي جي 8 ۽ 9 اپريل ??ي فيصلن جي توثيق ڪئي.