اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريا?? بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته 22 ڪروڙ عوام وانگر اسان به اميد رکون ٿا ته نيب قانون کي هڪ جهڙو لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائيندي ۽ اداري جي اندر مان انتقام جي بوءِ نه ايندي، ڪمزور کي پڪڙڻ ۽ طاقتور کي ڇڏي ڏيڻ جو تاثر ختم ٿيڻ گهرجي، هو پي آءِ ڊي جي ميڊيا سينٽر ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.