اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا پائيدار حڪمت عملي تحت معاشري جي ڪمزور ۽ وچولي طبقي جي سهولت لاءِ 4 هزار يوٽيلٽي ا??ٽو??ز ذريعي اٽي، گيهه، کنڊ ۽ دالين تي 5 مهينن دوران 10 ارب جي سبسڊي ڏيڻ، ڪامياب جوان پروگرام تحت يوٽيلٽي ا??ٽو??ز جي تعاون سان 2 هزار يوٿ ا??ٽو?? کولڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، مذهبي معاملن واري وفاقي وزير پير نورالحق قادري سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مهانگائي جي خلاف عوام ?? خاص طور تي غريب ۽ گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي رليف ڏيڻ جي حوالي سان حڪومت پاران وڏي پ??ڪي?? جو اعلان ڪيو ويو آهي.