اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ جو قدم اسلامي اصولن، قائداعظم جي پرامن پاڙيسري?? جي تصور ۽ پاڪستان جي بين المذاهب هم ??هن??ي جي فروغ جي پاليسي موجب آهي. وزيراعظم ميڊيا هائوس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان تاريخي گورڌوارن جي دستاويزي ڪتاب ٽرائسٽ ود ٽريز جي ليکڪ ۽ اڳوڻي سول ??رونٽ ڊي ايس جسپال سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته بابا گرو نان?? جي 550هين جنم ڏڻ جي موقعي تي ڪرتارپور صاحب لنگهه کولڻ جو تاريخي قدم بابا گرو نانڪ جو نالو کڻندڙن ۽ دنيا خاص طور تي ڀارت ۾ رهندڙ سک برادري جي پراڻي درخواست تي کنيو ويو.