اسلام آباد – 01 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مهانگائي جي شرح 81 مهينن جي گهٽ ترين سطح تي اچڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چي?? آهي ته اسان ”اڏار پا??ستان“ جهڙي منصوبي جي شروعات ڪئي آهي، اهو منصوبو پا??ستان کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چي?? ته ڊسمبر 2024ع ۾ مهانگائي جي شرح 4.1 سيڪڙو تي اچڻ خوش آئنده آهي، ميڪرو اڪنامڪ استحڪا?? حاصل ڪري ورتو آهي پر اها رڳو شروعات آهي. هن چي?? ته اسان ”اڏار پا??ستان“ جهڙي منصوبي جي شروعات ڪئي، اهو منصوبو پا??ستان کي دنيا جي پهرين صف جي ملڪن ۾ بيهاريندو، حڪومت معاشي سڌارن جي پاليسي تي گامزن آهي. هن چي?? ته 24 سالن کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس ٿيو، ناڻي واڌ 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 4.1 سيڪڙو تي اچي وئي، پا??ستان جي اسٽاڪ مارڪيٽ دنيا جي ٻي بهترين مارڪيٽ بڻجي چڪ?? آهي. وزيراعظم چي?? ته پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو کان گهٽ ٿي 13 سيڪڙو تي اچي ويو آهي، حڪومتي معاشي ۽ مالياتي ٽيم جي محنت سان معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي. هن چي?? ته عوام جي مشڪلاتن جو احساس هو، عوام جي مشڪلاتن جي حل لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪيو، انشاءَ الله عوام جي زندگين ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.