اسلام آباد-02 جنوري (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين و??ري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپ??ري ڀائيوار ۽ پاڪستاني روانگي واپار جي حوالي سان اهم ملڪ آهي.هن اها ڳالهه آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ سان ملاقات ۾ چئي. ملاقات جو مقصد پاڪستان ۽ آمريڪا جي ٻه طرفن ناتن خاص طور تي واپار، سيڙپڪ??ري ۽ معاشي سهڪار جي شعبن ۾ اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ هو. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ڀائيوا??يء?? جي اهميت تي زور ڀريو ويو ۽ ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو ته آمريڪا پاڪستان جو وڏو واپ??ري ڀائيوار ۽ روانگي واپار جي مارڪيٽ آهي. ناڻي و??ري وزير ۽ سفير اقتصادي سفارتڪا??يء?? کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ گڏيل ڪاروب??ري رٿائن ۽ معاشي سهڪار جي نَون موقعن تلاش ڪرڻ جو عزم ورجايو.ملاقات ۾ ٻُڌايو ويو ته ملڪ ۾ ڪلي معيشت مستحڪم ٿي چڪي آهي، اسان جي معاشي اهڃاڻن ۾ بهتري آئي آهي. ناڻي و??ري وزير آمريڪا ۾ رهندڙن پاڪستانين کي سيڙپڪ??ري لاءِ متحرڪ ڪرڻ تي زور ڀ??يو. ملاقات ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آمريڪا ۾ موجود ڀائيوارن ۽ پاڪستاني ڪميونٽي کي باقاعده طور تي معاشي انگن اکرن کان آگاهه رکيو وڃي ته جيئن پاڪستان جي ترقي ڪندڙ معيشت ۾ سيڙپڪ??ري جي همٿ افزائي ڪري سگهجي.