اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار اهم گهڻ رخي ۽ ٻطرفي مشنز ۾ پاڪستان جي سفيرن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي ??يڪ??يٽري آمنه بلوچ ۽ ايڊيشنل پرڏيهي ??يڪ??يٽري ۽ وزا??ت جي سينيئر ڊائريڪٽر جنرلز پڻ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سفيرن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي بابت پنهنجي جائزي، خيالن ۽ 2025ع ۽ ان کانپوءِ جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن تي پنهنجي راءِ پيش ڪئي. ان موقعي تي پنهنجي اهم خطاب ۾ نائب وزيراعظم/ پرڏيهي وزير ٻطرفي ۽ گهڻ رخن ۾ هڪ متحرڪ پرڏيهي پاليسي جو ويزن شيئر ڪيو. هن سڄي دنيا جي ملڪن سان پنهنجي لاڳاپن کي مض??وط بڻ??ئڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪندي سفيرن تي زور ڏنو ته اهي پاڪستان جي عالمي ساک کي وڌ??ئڻ ۽ ان جي عالمي حصيداري کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. پاڪستان جي سفيرن جو ساليانو اجلاس پرڏيهي وزارت ۾ هڪ باقاعده ايونٽ آهي جنهن ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي مختلف رخن ۽ ان کي ٺوس لاڳو ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي ٿي.