اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (او آءِ سي سي آءِ) جي تازي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته اها رپورٽ عالمي سطح تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ مثبت پيغام ۽ ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پراميد ۽ قابل اعتماد منزل آهي. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? محمد شهباز شريف چيو ته رپورٽ ۾ ??ڌا??و ويو آهي ته ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌيو آهي، ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ جي لاءِ ماحول ۾ بهتري آئي ۽ پاڪستان بابت عالمي سوچ منفي 10 سيڪڙو مان نڪري 31 سيڪڙو مثبت تي اچي وئي آهي جيڪا انتهائي خوش آئنده آهي. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ روزگار جا موقعا وڌيا آهن، پاڪستان جي مينوفيچرنگ سيڪٽر جي گروٿ 2 سيڪڙو مان 6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي جڏهن ته سروسز سيڪٽر جي گروٿ 7 سيڪڙو مان وڌي 30 سيڪڙو تي اچي وئي آهي جيڪا هڪ نمايان ڪاميابي آهي. رپورٽ ۾ ??ڌا??و ويو آهي ته سيمنٽ، آٽو سيڪٽر، فرٽيلائيزرز ۽ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو آهي. وزير??عظ?? رپورٽ جي نتيجن کي عالمي سطح تي سيڙپڪارن جي لاءِ هڪ مثبت پيغام قرار ڏيندي چيو ته رپورٽ ان ڳالهه جي عڪاس آهي ته پاڪستان سيڙپڪاري جي لاءِ هڪ پراميد ۽ قابل اعتماد منزل آهي. وزير??عظ?? چيو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران غيرملڪي سيڙپڪارن جي اعتماد ۽ روانگي واپار ۽ رڪارڊ مٽاسٽا جي ??اڻ?? جي ڪري ملڪي پرڏيهي ??اڻ?? جي ذخيرن ۾ اضافو ٿيو. وزير??عظ?? عوام کي ريليف جي فراهمي کي حڪومت جي ترجيح قرار ڏيندي چيو ته حڪومت جي بهتر معاشي پاليسين ۽ معاشي ٽيم جي محنت جا ثمر ملڻ شروع ٿي ويا آهن.