اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ميجر ??بير شريف شهيد نشان حيدر جي 53هين شهادت جي ڏهاڙي تي کيس خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ميجر ??بير شريف شهيد نشان حيدر جرئت ۽ بهادري جي تاريخ لکي، قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي ملڪ جي لاءِ قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ چي?? ته ميجر ??بير شريف شهيد نشان حيدر جرئت ۽ بهادري جو شاندار مثال هو، 1971ع جي جنگ ۾ ميجر ??بير شريف شهيد سلمانڪي ۾ دشمن کي اڳيان وڌڻ کان روڪي رکيو. وزيراعظم چي?? ته ميجر ??بير شريف شهيد نه رڳو پنهنجي هدف جي حفاظت ڪئي، دشمن جي ٽينڪن کي ٽينڪ تباهه ڪندڙ رائيفل سان ناڪاره بڻايو پر ڪمپني ڪمانڊر سميت دشمنن کي ختم ڪري ڇڏيو. طاقت جي نشي ۾ ٻُڏل پنهنجي عددي برتري جي باوجود دشمن ميجر ??بير شريف شهيد جي م??ثر جواب جو مقابلو نه ڪري سگهيا. وزيراعظم چي?? ته ميجر ??بير شريف شهيد نشان حيدر ملڪ جي حفاظت جي خاطر شهادت ماڻي. ميجر ??بير شريف شهيد نشان حيدر پاران وطن سان محبت ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جان جو نذرانو پيش ڪرڻ کان به نه ڪيٻائڻ نوجوان نسل جي لاءِ قابل تقليد آهي. هن چي?? ته ميجر ??بير شريف شهيد نشان حيدر جي حب الوطني جي جذبي ۽ فرض شناسي دشمن جي عددي برتري کي خاڪ ۾ مل??ئي ڇڏيو. وزيراعظم چي?? ته مون سميت سڄي قوم کي ميجر ??بير شريف شهيد نشان حيدر ۽ سندس گهرڀاتين تي فخر آهي. وزيراعظم چي?? ته پاڪستان جي غيرتمند قوم ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ پاڪ فوج جي بهادر نوجوانن جون قربانيون ڪڏهن به نٿي وساري سگهي. ميجر ??بير شريف شهيد جي فرض شناسي ۽ وطن سان وفاداري جو مثال پُوري ڄمار تائين ايندڙ نسلن کي متاثر ڪندو رهندو.