اسلام آباد-26 نومبر (اي پي پي) ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته مالياتي نظام کي عالمي اصولن موجب معياري بڻائڻ ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ لاءِ نهايت اهميت جو گهرجائو آهي. هن اها ڳالهه انٽرنيشنل اڪائونٽنگ ??سٽينڊرڊز بورڊ جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي آءِ اي ايس بي جو چيئرمين ڊاڪٽر ا??ڊرياس ڪري رهيو هو. وفد ۾ آءِ اي ايس بي جي ميمبر جيانچائولو، انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان جي صدر فاروق رحمان ۽ ايشيا- اوشيانا اڪائونٽنگ ??سٽينڊرڊز گروپ جو چيئرمين راڻا عثمان خان شامل هئا. سڌارن ۽ وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪميشن (پي آر ا??م سي) جو چيئرمين اشفاق ٽوله ۽ فنانس ڊويزن جا سينيئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ناڻي واري وزير وفد کي ڊاڪيومينٽيشن ۽ مالي شفافيت ذريعي ٽيڪس آمدني ۾ واڌ لاءِ حڪومت جي جامع پاليسي فريم ورڪ بابت ٻُڌايو. هن مالياتي نظام کي عالمي اصولن موجب معياري بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ چيو ته اهو ملڪي ۽ عالمي سيڙپڪارن جو اعتماد وڌائڻ لاءِ نهايت اهم آهي. هن جٽادار ا??تصادي ترقي لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ جي غرض سان پاليسين جي تسلسل کي يقيني بنائڻ جي حڪومتي عزم جو ورجاءُ به ڪيو. ڊاڪٽر ا??نڊرياس عالمي اڪائونٽنگ ??ي معيارن کي اختيار ڪرڻ ۾ پاڪستان جي قيادت کي ساراهيو ۽ عالمي اصولن جي شروعاتي پيروي ڪندڙ ملڪ طور پاڪستان جي تعريف ڪئي. هن انهن ڪوششن کي اڳيان وڌائڻ ۾ آءِ ڪيپ جي معاونت کي ساراهيندي مالي شفافيت ۽ صلاحيت ۾ واڌ لاءِ پيشوراڻي تنظيمن جي ڪردار کي اجاگر ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته شفافيت، معيار ۽ سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ پاڪستان جي اق??صادي نظام تي اعتماد قائم ڪرڻ لاءِ اڻٽر آهي. شرڪت ڪندڙ پاڪستان ۾ انٽرنيشنل فنانشل رپورٽنگ ??سٽينڊرڊز جي لاڳو هئڻ بابت چئلينجزن ۽ موقعن تي خيالن جي مٽاسٽا ڪئي. فاروق رحمان ۽ راڻا عثمان خان ان باري ۾ پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو ته آءِ ڪيپ ۽ ايشيا- اوشيانا اڪائونٽنگ ??سٽينڊرڊز گروپ ڪهڙيءَ طرح مالياتي رپورٽنگ ??ي نظام کي مضبوط بڻائڻ ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ڌُرين پاڪستان جي مالياتي ڊاڪيومينٽيشن ۽ رپورٽنگ ??ي نظام کي عالمي معيارن موجب وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.