اسلام آباد – 19 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ قومي يڪجهتي دهشتگردي جي خاتمي سان مشروط آهي، ملڪي ترقي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ملڪ جي معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ اندروني ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري لازمي آهي، اسان کي ٽيڪس نيٽ وڌائڻو آهي تڏهن ئي قرض ۽ آءِ ايم ايف جي ڄار مان ڇوٽڪارو ملي سگهي ٿو، ڌرڻي ۽ احت??اج جي سياست ملڪي مفاد ۾ نه آهي. هو نيشنل ايڪشن پلان جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس جي شروع ٿيڻ جي موقعي تي ڳالهائي رهيو هو جنهن ۾ صوبائي وڏن وزيرن، آرمي چيف ۽ ڪابينا جي ميمبرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃ??ند?? چيو ته اسان سڀني جي گڏيل ڪوششن، محنت ۽ اخلاص سان آهستي آهستي ملڪي معيشت استحڪام طرف وڌي رهي آهي، وفاق، صوبن، ادارن ۽ آرمي چيف جو ان ۾ وڏو ڪردار آهي. هن ??يو ته ملڪي ترقي جي لاءِ وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسان ڪيستائين آءِ ايم ايف جي پروگرام تي ڀاڙينداسين. موجوده پروگرام جي لاءِ سعودي عرب، چين ۽ گڏيل عرب امارات ڀرپور ساٿ ڏنو، اسان کي آءِ ايم ايف ۽ قرضن مان جان ڇڏرائڻ جي لاءِ ٽيڪس نيٽ کي وڌائڻو پوندو، ان جي لاءِ ڪوشش ٿي رهي آهي، هن وقت کربين رپين جي ٽيڪس ۽ بجلي چوري ٿي رهي آهي اسان کي ان کي روڪڻو آهي، گردشي قرض، لائين لاسز مان نڪرڻو آهي، ان جي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو تڏهن ئي ملڪي اڳتي وڌندو. هن ??يو ته اسان جي 8 مهينن جي حڪومت جي دور ۾ ڪا ڪرپشن يا فراڊ سامهون ناهي آيو، اندروني ۽ ٻاهرئين دشمينن کي ڪو موقعو هٿ نه آيو، اهو ??وا??ي خدمت ۽ سٺي گورننس جو مثال آهي. وزيراعظم چيو ته پوليو جي خاتمي جي لاءِ سنڌ حڪومت جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن اهڙي طرح زرعي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ پنجاب جي وزيراعليٰ اڳرائي ڪئي آهي، خيبرپختونخواهه جي ڪابينا پڻ ان جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اميد آهي ته سنڌ ۽ بلوچستان به جلد ان تي عمل ڪندا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ کربين ڊالر جا معدني ذخيرا موجود آهن، پاڪستان قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، ريڪوڊڪ ۽ چنيوٽ منصوبي تي غيرضروري ڪيسن سان اربين رپيا ضايع ٿيا ملڪ ان کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي. اسان کي گڏ ٿيڻو پوندو. هن ??يو ته اهو مشڪل ڪم ضرور آهي جڏهن ته ان کانسواءِ دنيا جي ڪا قوم ڪاميابي حاصل نه ٿي ڪري سگهي. جاپان ۽ جرمني تباهي کانپوءِ 50 سالن ۾ محنت، امانت ۽ ديانت سان ترقي جي بلندين تي پهچي ويا آهن، پاڪستان ته الله تعاليٰ بي پناهه وسيلن سان نوازيو آهي، جيڪڏهن ??هٽتائي آهي ته عزم جي آهي. هن ??يو ته منهنجي دعا آهي ته آءِ ايم ايف جو هي آخري پروگرام هجي. ملڪ مضبوط ۽ ترقي يافته ٿ??ند?? ته ڪو دشمن ميري اک سان پاڪستان طرف نه ڏسي سگهندو. هن ??يو ته 5 آءِ پي پيز سان پاور بابت ٽاسڪ فورس جي ڪوششن سان معاملا طئي ٿيا، هڪ ٻئي گروپ سان ڳالهه ٻولهه حتمي مرحلن ۾ آهي. هن ??يو ته پاڪستان جي ??وا?? 77 سالن ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن هاڻي اشرافيه جو وارو آهي جن کي هن ملڪ تمام گهڻو ڪجهه ڏنو آهي، هاڻي اشرافيه کي قرباني ڏيڻي پوندي. هن ??يو ته ايف بي آر پاران ڪيترائي جعلي اڪائونٽ پڪڙيا ويا آهن. هن ??يو ته ملڪي ترقي جون ڪوششون امن جي فروغ ۽ دهشتگردي جي خاتمي سان واڳيل آهن، نواز شريف جي دور ۾ سمورين سياسي ۽ مذهبي پارٽين ۽ عسڪري ادارن جي مشاورت سان قومي ايڪشن پلان جوڙيو ويو جنهن سان 2018ع ۾ دهشتگردي جو ناسور ختم ٿي ويو هو، دنيا ان ڪاميابي تي حيران هئي، اسان 80 هزار جانين جي قرباني ڏئي ۽ 130 ارب ڊالر جو معاشي نقصان برداشت ڪري اها ڪاميابي حاصل ڪئي هئي، جڏهن ته ٻيهر اهڙو ڇا ٿيو جو ان لعنت ٻيهر ڪَر کنيو، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ روزانو دهشتگردي جو ڪو نه ڪو واقعو ٿي رهيو آهي، ان ناسور جو خاتمو نه ڪيو ته ملڪي ترقي جون اسان جون ڪوششون ضايع ٿي سگهن ٿيون. هن ??يو ته ملڪي ترقي، يڪجهتي ۽ سياسي اتحاد دهشتگردي جي خاتمي سان مشروط آهي، اهو پاڪستان جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي. هن ??يو ته بلوچستان ۾ بي ايل اي جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي، اها بدترين درندگي آهي، اسان وٽ ان جو ڪنڌ ڪچلڻ کانسواءِ ڪو ٻيو رستو نه آهي. هن ??يو ته اسان جو مسئلو نمبر ون دهشتگردي جو خاتمو آهي، ٻيو ۽ ٽيون مسئلو به اهو ئي آهي. ان جو خاتمو لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي سڀني کي عزيز آهي، ان جي لاءِ غور ڪرڻو آهي ته ڇا ڌرڻا ۽ احت??اج پاڪستان جي مفاد ۾ آهن؟ هن ??يو ته يقينن ڌرڻن ۽ احت??اج جي سياست پاڪستان جي مفاد ۾ نه آهي، ان بابت ٿڌي دل ۽ دماغ سان سوچڻو پوندو.