اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾”ڪيس ڪيڊ“ پوليس خدمت مرڪز جو دورو ڪيو. گذريل ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب پنهنجي دوري دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف سفارتڪارن ۽ پرڏ??هي شهرين لاءِ جديد سهولتن سان ليس خدمت مرڪز جي قيام جي واکاڻ ڪئي. وزيراعظم پوليس خدمت مرڪز جي قيا?? لاءِ گهرو وزير محسن نقوي جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته سفارتي برادري کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. اسلام آباد ۾ عالمي معيار موجب ۽ حاضر دور جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي ڪيس ??يڊ خدمت مرڪز جو قيام واکاڻ جوڳو آهي. خدمت مرڪز ۾ سفارتي برادري ۽ پرڏ??هي شهرين کي ڊرائيونگ لائسنس جاري ۽ تجديد ڪرڻ، ڪريڪٽر سرٽيفڪيٽ، جنرل پوليس ويريفڪيشن، گمشدگي رپورٽ، مسواڙين جي رجسٽريشن، فارنرز رجسٽريشن، گهريلو ملازمن جي رجسٽريشن، والنٽيئرز رجسٽريشن، گاڏين جي ويريفڪيشن ۽ ايف آءِ آر جي ڪاپي حاصل ڪرڻ جهڙيون خدمتون مهيا ڪيون وينديون. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏ??هي وزير اسحاق ڊار ۽ گهرو وزير محسن نقوي به ساڻس گڏ هئا.