گلگت – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گلگت بلتستان جي گورنر سيد مهدي شاهه ۽ گلگت بلتستان جي وڏي وزير گلبر خان جدا جدا ملاقات ??ئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گلگت بلتستان جي وڏي وزير ۽ گورن?? وزيراعظم کي م??ڪ ۾ تازي معاشي استحڪام تي خراج تحسين پيش ڪيو. ٻنهي اڳواڻن گلگت بلتستان ۾ ڪيترن ئي ??رق??اتي منصوبن جي پيڙهه جي پٿر ۽ افتتاح تي وزيراعظم ??ا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي وزيراعظم هدايت ئي ته گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ انهن ??رق??اتي منصوبن جي جلد کان جلد تڪميل يقيني بڻائي ويندي. وزيراعظم چيو ته وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي عوام جي ??رق?? ۽ خوشحالي ۽ ڀلائي جي لاءِ سرگرم عمل آهي. وزيراعظم کي گلگت بلتستان جي وڏي وزير روايتي چوغي ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو.