اسلام آباد- 05 نومبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قدرتي آفتن کي مُنهن ڏيڻ، موسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ ڊگهي مُدي جي بنياد تي آفتن جي تياريءَ ۾ مالي ۽ فني معاونت جي حوالي سان ايشيائي انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي ڪردار کي ساراهيندي پاڪستان ۾ جاري منصوبن لاءِ فنڊز جي ??راهمي جي عمل کي تيز ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي. اهڙو اظهار هن گذريل ڏينهن هتي ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ جي ??فد سان ملاقات دوران ڪيو. وفد جي ??يادت بئنڪ جو ڪلائمينٽ ريجن ۽ پراجيڪٽ فنانس گلوبل جو نائب صدر ڪانسٽنٽن لميتو وسڪي ڪري رهيو هو. بئنڪ جي ??يم ناڻي واري وزير کي پاڪستان ۾ بئنڪ جي ??ورٽ فوليو ۾ شامل مختلف ??يڙ??ڪاريءَ جي ??نصوبن بابت بريفنگ ڏني. هن ٻُڌايو ته بئنڪ طرفان پاڪستان ۾ پاڻيءَ مان بجليءَ جي ??يداوار، روڊن ۽ شاهراهن، ٽرانسپورٽ جي شعبي، شهري بنيادي ڍانچي جي ترقي، موسمياتي تبديلين جي اثرن جو مقابلو ڪرڻ، وبائي مرضن، تڪراري ۽ موسمياتي تبديليءَ سان ٿيندڙ ٻوڏ جي آفتن کي مُنهن ڏيڻ جي ??نصوبن تي ڪم جاري آهي. ملاقات ۾ جاري منصوبن تي اڳڀرائي ۽ مالي معاونت کي بجلي جي ??يداوار کان وٺي ورهاست جي ??ظام تائين منتقل ڪرڻ جي ضرورت تي ڳالهه ٻو??هه ٿي. اجلاس ۾ ٻُڌايو ويو ته اضافي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي، جنهن کي ورهاست جي ??ظام ۾ شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي. بئنڪ جي ??فد پاڪستان کي اهم شراڪتدار ملڪ قرار ڏيندي پاڪستان جي ترقياتي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۽ موسمياتي تبديلين بابت چئلينجز تي ضابطو آڻڻ لاءِ بئنڪ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بئنڪ طرفان ان سلسلي ۾ پاليسي ۽ بجيٽ جي سطح تي معاونت فراهم ڪرڻ جي خاطري به ڪرائي وئي. وفد سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير بئنڪ طرفان پاڪستان ۾ قدرتي آفتن کي مُنهن ڏين، موسمياتي تبديلين جي اثرن ۽ ڊگهي مُدي جي بنياد تي آفتن جي تياريءَ ۾ مالي ۽ فني معاونت کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ بئنڪ جي ??نصوبن ۾ ٿيل اڳڀرائيءَ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ جاري منصوبن لاءِ فنڊز جي تيز رفتار فراهميءَ تي زور ڀريو. هن گذريل مهيني واشنگٽن ۾ بئنڪ جي صدر جن ليڪون سان ٿيل ملاقات جو به ذڪر ڪيو ۽ چيو ته ان ملاقات ۾ پاڪستان جي ??الي معاونت کي وڌائڻ لاءِ پانڊا بانڊ جاري ڪرڻ جي ڳالهه ٿي جنهن ۾ بئنڪ طرفان جزوي ضمانت ذريعي عملدرآمد جي تجويز پيش ڪئي وئي ته جيئن مارڪيٽ کي هڪ مضبوط پيغام ڏئي سگهجي. ملاقات ۾ ترقياتي شراڪتداريءَ کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن جي چئلينجز کي مُنهن ڏيڻ لاءِ قدمن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.