اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ساموا ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس جي موقعي تي بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار محمد توحيد حسين سا?? ٻطرفي مل??قات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب عهدو سنڀالڻ کانپوءِ نائب وزيراعظم ۽ بنگلاديش جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار جي وچ ۾ اها پهرين مل??قات هئي. نائب وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخ??، مذهبي ۽ ثقافتي رابطن تي ر??شن?? وڌي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي وزير محمد توحيد حسين پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ اعليٰ سطح جي ڊائيلاگ خاص طور تي واپار، ثقافتي مٽاسٽا ۽ عوام جي وچ ۾ رابطن جي شعبن ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين مختلف گهڻ رخي فورمز تي وڌيڪ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. هن علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيا تنظيم (سارڪ) جي ڪردار تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.