اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي حم??ي ۾ 10 ايف سي جي جوانن جي شهادت تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊيره اسماعيل خان ۾ دهشتگردن جي حم??ي جي شديد مذمت ڪئي ۽ واقعي ۾ شهادت مانيندڙ ج??انن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد جوانن جي حب الوطني جي جذبي ۽ بهادري کي ساراهيو. صدر واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ ج??انن جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ وار??ن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.