اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات،نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ 26هي?? آئيني ترميم جي منظوري کي پاڪستان جي تاريخ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏيندي چيو آهي ته اڄ هڪ نئُون سج اڀريو آهي، اڄ پاڪستان جي عوام، رياست پاڪستان ۽ جمهوريت جي فتح ٿي آهي، تاريخ ثابت ڪندي ته آئيني ترميم عوام جي حق ۾ هوندي. اها ڳالهه هن 26هي?? آئيني ترميم جي منظوري ??ي پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، جمعيت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان، وفاقي ڪابينا جي ميمبرن، سمورين اتحادي پارٽين ۽ قوم کي مبارڪباد ڏيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميم سان آئيني ۽ قانوني معاملن کي وڌيڪ استحڪام ملندو، 26هي?? آئيني ترميم تي ??گهي مشاورت ٿي، حڪومت حتي الامڪان ڪوشش ??ئي ته آئيني ترميم تي اتفاق راءِ پيدا ڪ??و وڃي. هن چيو ته 26هي?? آئيني ترميم جي منظوري ??مهوريت جي ڪاميابي آهي جنهن کي تاريخ ۾ سدائين ياد رکيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته قائداعظم محمد علي جناح آئيني عدالت جي سوچ جو بنياد رکيو هو، تاريخ ثابت ڪندي ته آئيني ترميم عوام جي حق ۾ هوندي. هن چيو ته آئيني ترميم سان عوام کي انصاف جي فراهمي ۾ رڪاوٽون ختم ٿينديون. وفاقي وزير چيو ته سياست ۾ ضد ناهي هوندو، آئيني ترميم جي منظوري ميثاق جمهوريت جي ايجنڊا جي تڪميل آهي. هن چيو ته آئيني ترميم سان ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني ۽ بالادستي ??ي تسليم ڪيو ويندو. هن چيو ته آئيني ترميم سان عدليه ۾ مقررين ۽ ججز جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ جي عمل ۾شفافيت ايندي ۽ پارليامينٽ بالادست اداري ??ي طور تي پنهنجو ڪم ڪري ??گهندو.