اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اميد ظاهر ڪئي آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم خطي ۽ ان کان ٻاهر جي عوام جي لاءِ به هڪ روشن مستقبل جي نويد بڻجي سگ??ي ٿي. ايڪس تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته 23هين شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس جي صدارت ڪرڻ جو اعزاز حاصل ٿيو جنهن کي خطاب ڪندي پاڪستان جي ان تعميري ڪردار تي ر??شني وڌي جيڪو پائيدار ترقي، عل??ئق??ئي رابطن ۽ اقتصادي حصيداري کي وڌائڻ، موسمياتي تبديلي کي مضبوط بڻائڻ ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪردار ادا ڪري سگ??ي ٿو. هن گڏيل تعاون ۽ عالمي مالياتي نظام ۾ سڌارن جي اهميت کي اجاگر ڪندي هڪطرفي قدمن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو عالمي قانون جي ابتڙ آ??ي.