دوحه – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي ??مي?? شيخ تميم بن حمد آل ثاني سان گڏ قطر ميوزيم ۾ منظر آرٽ گيلري جو دورو ڪيو جڏهن ته وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قطر ميوزيم ۾ پاڪستاني فن پارن تي ٻڌل منظر آرٽ گيلري جو قيام ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سماجي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي ??مي?? اعليٰ سطحي وفدن ۽ ٻطرفي ملاقات کانپوءِ هڪ ئي گاڏي ۾ ديوان ??مي?? کان قطر ميوزيم تائين جو سفر طئي ڪيو. قطر جي ??مي?? وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پاڻ پاڪستاني فن پارن جي نمائش ”منظر“ جو دورو ڪرايو، ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي وچ ۾ غيرروايتي گرمجوشي ڏسڻ ۾ آئي، قطر جي ??مي?? ۽ سندس ڀيڻ ۽ قطر ميوزي?? جي چيئرپرسن شيخه المياسه بنت حمد بن خليفه الثاني غيررسمي ۽ پنهنجائپ واري ماحول ۾ وزيراعظم کي نمائش ۾ موجود فن پارا ڏيکاريا ۽ نمائش جي منتظمين ۽ پاڪستاني فنڪارن سان تعارف ڪرايو. وزيراعظم قطر جي ??مي?? ۽ سندس ڀيڻ جو منظر آرٽ گيلري جي انعقاد ۽ پاڪستاني فنڪارن جي پذيرائي تي سندس ٿورا مڃيا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان نمائش جو انعقاد پوري پاڪستاني قو?? جي لاءِ فخر جوڳو آهي، قطر ميوزيم ۾ پاڪستاني فن پارن تي ٻڌل منظر آرٽ گيلري جو قيام قطر ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سماجي ۽ ڀائيچاري جي مضبوط لاڳاپن جي عڪاسي ڪري ٿو. وزيراعظم دور?? ۾ ??اليواري پاڪستاني مع??ار نيئر علي دادا، پاڪستاني مصورن، فوٽوگرافر، خطاط ۽ ٻين فنڪارن سان ملاقات ڪئي. نمائش ۾ 1940ع کان وٺي هيستائين جي پاڪستاني مصوري، فوٽوگرافي، مجسما ۽ ٻيا فن پارا شامل آهن. نمائش ۾ شاڪر علي، صا??قين، گل جي، زبيده آغا، ڪامل خان ممتاز، نيئر علي دادا ۽ ڪيترن ئي پاڪستاني فنڪارن جي فن پارن جي نمائش ڪئي وئي.