اسلام آباد- 30 سيپٽمبر (اي پي پي) نجڪاري، سيڙپڪاري بورڊ ۽ مواصلات بابت وفاقي وزير عبدالعليم خان جي صدارت هيٺ نجڪاري ڪ??يش?? بورڊ جي اجلاس ۾ سرڪاري ادارن جي نجڪاري لاءِ ڳالهين واري ڪميٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته وفاقي وزي?? هدايت ڪئي ته نجڪاري جي عمل ۾ مقابلي جي فضا ۽ ڪاميابي جي مقصد کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن پرائيويٽائزيشن ڪ??يش?? جو عمل صاف ۽ شفاف ٿي سگهي. نجڪاري ڪ??يش?? بورڊ جي 225هين اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته نجڪاري ٿيندڙ قومي ادارن ۾ مارڪيٽنگ ۽ سيلز جي ”پچ“ کي برقرار رکيو وڃي ڇاڪاڻ ته ادارن جي نجڪاري مان ملندڙ پئسن سان انهن جي ڪاميابي کي به نظر ۾ رکڻو پوندو. نجڪاري ڪ??يش?? بورڊ جي اجلاس ۾ وفاقي وزير طرفان هدايتون جاري ڪيون ويون ته نجڪاري لاءِ اخبارن ۾ ڏنل اشتهارن کي لاڳاپيل فائل جو حصو بڻايو وڃي ۽ نجڪاري جي عمل ۾ شفافيت آڻڻ لاءِ سم??رن قانوني ضابطن تي سؤ سيڪڙو عملدرآمد ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ، يوٽيليٽي اسٽورن سم??ت مختلف ادارن جي نجڪاري جي حوالي سان معاملن تي به غور ڪيو ويو جڏهن ته فنانشل ايڊوائيزر جي مقرري تي به تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. ان کا??سوءِ اجلاس ۾ نجڪاري جي ڪجهه فني معاملن جي تفصيلي جائزي کا??پوءِ اهم فيصلا به ڪيا ويا. وفاقي وزير نجڪاري ڪ??يش?? بورڊ جي سم??رن ميمبرن کي وڌ کا?? وڌ متحرڪ ۽ بورڊ جي ڪارروائي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، جنهن سان ان عمل کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نجڪاري ڪ??يش?? بورڊ جي اجلاس کي وفاقي سيڪريٽري بريفنگ ڏيندي ٻ??ايو ته پرائيويٽائزيشن جي معاملن کي مڪمل قانوني تحفظ حاصل آهي ۽ ان لاءِ سم??را معاملا ضابطن مطابق پڄاڻيءَ تي پهچي رهيا آهن. نجڪاري ڪ??يش?? بورڊ جي ميمبرن گذريل اجلاس جي ڪارروائي سم??ت مختلف فيصلن جي منظوري به ڏني.