ڪراچي -23 سيپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پشتون عوام سميت پوري پاڪستاني قوم کي پشتون ڪلچر ڊي جون م??ارڪون ڏيندي چي?? آهي، ته ملڪ جي وحدت کي مضبوط بڻائڻ ۾ ثقافتي روايتن کي تحفظ ۽ هٿي وٺرائڻ وڏي اهميت لائق آهي، اڄ جو ثقافتي ڏينهن اسان کي پشتون قوم جي تاريخ، بهادري ۽ ثابت قدمي جي ياد ڏياري ٿو. ميڊيا سيل بلاول هائوس پاران جاري بيان م??ابق بلاول ڀٽو زرداري پشتون ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چي?? ته اسان کي پشتون روايتن کي عزت ۽ وقار سان ڀرپور انداز ۾ ملهائڻ گهرجي، پشتون روايتن ۾ مهمان نوازي، وفاداري، ۽ انصاف جو اصول اسان سڀني لاءِ باعث تحريڪ آهي، اسان کي انهن اصولن کي برقر??ر رکڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ سمورن نسلي گروهن وچ ۾ اتحاد ۽ هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري چي?? ته ثقافتي ورثي کي محفوظ رکڻ ۾ نوجوانن جو ڪردار وڏي اهميت رکي ٿو، نوجوان نسل کي پنهنجي ثقافتي سڃاڻپ تي فخر هئڻ گهرجي. هن چي?? ته اسان جا نوجوان پنهنجي ابن ڏاڏن جي ميراث کي اڳيان وڌائين ته جيئن شاندار روايتون ۽ ڀرپور ورثو زنده رهي، پاڪستان جي سمورن ثقافتن جي تحفظ لاءِ يقيني قدم کڻنداسين، اسان کي هڪ ترقي پسند، جمهوريت پسند ۽ پرامن قوم جي تعمير لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻيون پونديون.