راولپنڊي – 10 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل عاصم منير سان سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير خالد بن عبدالعزيز الفالح وفد سان گڏ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) مطابق ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ ڀائراڻي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ جي قدمن تي ڳالهه ??ول??ه ڪئي وئي. پاڪ فوج جي سربراهه سعودي بادشاهه شاهه سلمان ۽ ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان لاءِ غير متزلزل حمايت تي سندس ٿورو مڃيو. آرمي ??يف وفد کي پاڪستان جي م??مل حمايت ۽ عزم جي وڌيڪ خاطري ڪرائي ۽ ٻنهي ملڪن کي حاصل ٿيل اميد ڏياريندڙ نتيجن بابت ا??يد ظاهر ڪئي. آرمي ??يف جنرل عاصم منير جو چوڻ هو ته وڏي واپاري وفد جو دورو پاڪ-سعودي جٽادار ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جي ت??ديق ڪري ٿو، پاڪستاني عوام سعودي عرب لاءِ تمام گهڻي عزت ۽ محبت رکي ٿو.