اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) بچاءَ واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو آهي ته پارليامينٽ عوامي اُمنگن جي ترجمان آهي، آئيني حدن اندر رهندي ان کي طاقتور بڻائڻ چاهيون ٿا، ڄاڻايل آئيني ترميمن جو ??نداز ميثا?? جمهوريت جا دستاويز آهن، انهن ترميمن کي مڪمل اتفاق راءِ کانپوءِ ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجن خيالن جو ??ظهار ڪندي بچاءَ واري وزير چيو ته اسان جي شعور ۾ اهي ڄاڻايل ترميمون آئيني معاملن کي متوازن بڻائڻ آهي. ڄاڻايل آئيني ترميمن جو ??نداز محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف وچ ۾ طئي ٿيل ميثا?? جمهوريت آهي. ان ۾ ڪا سياست نه هئي نه ان کي سياسي رنگ ڏنو پئي ويو. انهن ترميمن تي اتفاق راءِ ٿي وئي ته انشاءَ الله اهو ايوان ۾ به ايندو. هن چيو ته آئين جي آرٽيڪل 63 اي ۾ به ترميمن جي تجويز آهي. آئيني عدالت جي ضرورت جو ??ڪر به ميثا?? جمهوريت ۾ آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ آئيني عدالتون موجود آهن. عدالتن ۾ 25-25 سالن تائين ڪيس ٻُڌڻيءَ هيٺ آهن ۽ ڪيترائي بيگناهه ماڻهو به سزا ڀوڳي رهيا آهن. عام ماڻ??وء?? جي زندگيءَ کي آسان بنائڻ جي ان ڪوشش ۾ اسان جو ڪو سياسي فائدو ناهي. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي بحاليءَ کان پوءِ هڪ سينيئر جج جي مشاورت سان ججن جي مقرري جو ??ريقيڪار بڻايو ويو آهي. اسان آئين ??وجب ان معاملي ۾ به ان ايوان جي ڪردار کي اثرائتو بڻائڻ چاهيون ٿا. اسان نٿا چاهيون ته پارليامينٽ رٻڙ اسٽيمپ طور ڪم ڪري، جيڪو اسان جو ??ق بڻجي ٿو اهو اسان کي ملڻ گهرجي. آئين ??ارليامينٽ کي جيڪا عزت ۽ وقار ڏيڻ چاهي ٿو اسان ان کي لاڳو ڪرڻ چاهيون ٿا، ان ۾ اسان جو ڪو سياسي مفاد ناهي. ميثا?? جمهوريت جي مسودي کي اسان ان سڄي عمل لاءِ مشعل راهه طور استعمال ڪيو آهي. ڪوبه باشعور شخص يا ادارو انهن تجويزن سان اختلاف نٿو ڪري سگهي. اسان آئين کي ان شڪل ۾ آڻينداسين جيڪو ميثا?? جمهوريت سان مطابقت رکندو هجي.