اسلام آباد – 27 – آگسٽ (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف تيراهه واديءَ جي ضلعي خيبر ۾ فتنه الخوارج نام نهاد لشڪر اسلام ۽ جماعت الاحرار جي دهشتگردن جي خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي ساراهيندي چيو آهي ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ ??وج جون لازوال قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم چيو ته پاڪ ??وج جي بهادر آ??يسرن ۽ جوانن پيشيواراڻي مهارت ۽ بهادري جو مظاهرو ڪندي انتهائي گهربل دهشتگرد خارجي ليڊرن سميت 25 دهشتگردن کي ماريو ۽ 11 کي زخمي ڪري گرفتار ڪيو. هن چيو ته آپريشن دوران شهادت ماڻيندڙ پاڪ ??وج جي جوانن کي مون سميت پوري قوم خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. وزيرا??ظم چيو ته ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪ ??وج جون لازوال قربانيون وسارڻ جوڳيون نه آهن، دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين. وزيرا??ظم چيو ته فتنه الخوارج کي ڪنهن به صورت ۾ ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني ڦهلائڻ جي اجازت نه ڏينداسين، دهشتگردي جي ملڪ مان خاتمي جي لاءِ پوري قوم پاڪ ??وج سان گڏ بيٺل آهي.