لاهور -24 آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار چيو آهي?? ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهي آهي، 9 مئي جي جوابدارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن حضرت داتا گنج بخش جي مزار جي اڱڻ ۾ مسجد نبوي جي طرز ??ي ڇٽين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سا?? ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته محمد نواز شريف ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ۽ ايٽمي طاقت بڻايو. معيشت کي هلائڻ سچ آن يا آف ڪرڻ جهڙو ناهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اڳواڻي ۾ حڪومت عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهي آهي. هن چيو ته حڪومت جي مثبت پاليسين عيوض ملڪ ۾ مهانگائي گهٽجي رهي آهي، بجلي جو مسئلو جلد حل ڪري عوام کي رليف ڏينداسين. اسحاق ڊار چيو ته الله تعاليٰ جي فضل سا?? دهشتگردي جو جلد خاتمو ايندو. قومي سلامتي ۽ ادارن تي حملا اسان جي ريڊ لائين آهن، جيڪڏهن ڪنهن ريڊ لائين پار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن جي هتي ڪا گنجائش ناهي، 9 مئي ??ي واقعن جي حوالي سا?? پڇيل سوال جي جواب ۾ اسحاق ڊار چيو ته قانون پنهنجو رستو اختيار ڪري رهيو آهي، 9 مئي جي ڏوهارين کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ گهرجي.