اسلام آباد- 23 آگسٽ (اي پي پي) سي پيڪ منصوبي 2013ع ۾ پنهنجي شروعات کانپوءِ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪي??ن آهن، سي پيڪ فريم ورڪ تحت منصوبن سان هن وقت پاڪستان لاءِ مجموعي طور تي 25.4 بلين آمريڪي ڊالر جي سڌي ريت سيڙپڪاري آئي آهي، 236000 نوڪريون پيدا ٿي??ن آهن، 510 ڪلوميٽ?? شاهراهون، 8000 ميگاواٽ کان وڌيڪ بجلي ۽ 886 ڪلوميٽر نيشنل ڪور ٽرانسميشن گرڊ جو اضافو ٿيو آهي. گوادر بندرگاهه، چر پر جي بنيادي ڍانچي، توانائي ۽ صنعت تي ڌيان ڏيندي شروعاتي ??هڪار جي ترتيب کان وٺي ترقي، ماڻهن جي معاشي ذريعي، جدت، ماحول دوست ۽ کليل ”سي پيڪ جي اپ گريڊڊ ورزن“ تائين، چين پاڪستان اقتصادي راهداري مستقبل ۾ پاڪستان لاءِ يقيني طور وڌيڪ وسيع تر ترقي جا موقعا فراهم ڪندي. اختيارين مطابق پاڪستان جي نئين حڪومت جي قيام کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف چ??ن جو دورو ڪيو ۽ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، چين ۽ پاڪستان وچ ۾ هر موسم ۾ اسٽريٽجڪ سهڪار تي ٻڌل شراڪتداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ، مختلف شعبن ۾ عمل?? سهڪار کي اڳتي وڌائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي بين الاقوامي ۽ علائقائي معاملن تي وسيع اتفاق راءِ ڪيو. دوري دوران ڌرين مختلف شعبن ۾ سهڪار جي 23 دستاويزن تي ??حيحيون ڪيون ۽ هڪ جامع گڏيل پڌرائي جاري ڪئي. چين پاڪ اقتصاد?? سهڪار وزيراعظم شهباز شريف جي چ??ن جي دوري جي پهرين ترجيع رهيو. پاڪستان اسپيشل اڪنامڪ زون ۾ سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار قائم ڪرڻ لاءِ چيني ڪاروباري اداران جي حمايت ڪئي ۽ مختلف شعبن ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ صنعتي ??هڪار کي مضبوط بڻائڻ لاءِ چين پاڪ صنعتي ??هڪار فريم ورڪ معاهدي جي ايڪشن پلان تي ??حيحيون ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سهڪار جي وڏي منصوبن جي حوالي سان ڌرين قراقرم شاهراهه جي ري روٽنگ منصوبي بابت فريم ورڪ معاهدي تي ??حيحيون ڪيون ۽ ايم ايل ون کي اپ گريڊ ڪرڻ جي منصوبي کي مرحلي وار هٿي ڏيڻ ۽ فنانسنگ ماڊل فعال طور تي ڳولڻ تي ??تفاق ڪيو. ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ويو ته گوادر پورٽ تي مددگار سهولتن جي تعمير ۾ تيزي آندي وڃي. ڪسٽمز معائني جي بنيادي ڍانچي جي اپگريڊيشن ۽ خنجراب-سوست بندرگاهه جي مستقل آپريشن تي ??لدي عمل ڪرڻ تي ??تفاق ڪيو ويو. چين پن بجلي سميت صاف توانائي جي ٻين منصوبن ۾ حصو وٺڻ لاءِ چيني ڪاروباري ادارن کي همٿائيندو.