ڪراچي – 9 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ??ئرس ۾ جاري اولمپڪس 2024ع جيولن ٿرو مقابلن ۾ سون جو تمغو کٽڻ تي قومي هيرو ارشد نديم کي مبارڪون ڏنيون آهن. بلاول هائوس ميڊيا سيل مان جاري ??ڌرائي مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ارشد نديم اولمپڪس جي انفرادي مقابلن ۾ پاڪستان لاءِ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو سون جو تمغو حاصل ڪري ??وم جو ڳاٽ اونچو ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اولمپڪس ۾ جيولن ٿرو جي مقابلن ۾ ارشد نديم جو 92.97 رڪارڊ ساراهه جوڳو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ارشد نديم اولمپڪس جي دنيا ۾ تاريخ لکي ڇڏي آهي، قوم پنهنجي هيرو سا?? گڏ بيٺل آ??ي.