اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) پاڪستان تر??مانستان ٻطرفي سياسي مشاورت جو ٽيون دور پرڏيهي وزارت ۾ منعقد ٿيو، پاڪستان پاران نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ق??اد?? ڪئي. تر??مانستان پاران وفد جي ق??اد?? ڪابينا جي نائب چيئرمين ۽ تر??مانستان جي پرڏيهي وزير راشد ميريدوف ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين پاڪستان تر??مانستان جي ٻطرفن لاڳاپن جو جائزو ورتو جن ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي تعاون، رابطن ۽ عوام سان عوام جا رابطا شامل آهن. هنن لاڳاپن جي مثبت رفتار جو ذڪر ڪندي ق??اد?? جي سطح تي اعليٰ سطح جي ڳالهه ٻولهه ۽ مٽاسٽا کي وڌيڪ وڌ??ئڻ تي ات??اق ڪيو. ڌرين چيو ته ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جي طريقيڪار کي پڻ مضبوط ڪنداسين. ٻنهي ڌرين سياسي، اقتصادي ۽ دفاعي شعبن سميت ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ وڌ??ئڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن کي تيز ڪرڻ تي ات??اق ڪيو. واپار ۽ سيڙپڪاري، توانائي، رابطن ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي ترجيحي شعبن ۾ ويجها اقتصادي رابطا وڌ??ئڻ تي پڻ ات??اق ڪيو. ٻنهي ڌرين تاپي پائيپ لائين ۽ تاپ TAP بجلي جي ٽرانسميشن لائين جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پاڪستان جي حقيقي صلاحيت موجب ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ وڌ??ئڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. هنن ان سلسلي ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمنٽ کي جلد حتمي شڪل ڏيڻ ۽ ڪاروباري ماڻهن جي سهولت لاءِ ويزا نظام کي آزاد ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. بيان موجب ڌرين ٻطرفي پارلياماني رابطن کي ف??وغ ڏيڻ ۽ ثقافتي مٽاسٽا، تعليمي وظيفن بشمول سفارتڪارن جي تربيت ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي وڌ??ئڻ تي پڻ ات??اق ڪيو. ٻئي ملڪ گڏيل قومن ۽ اقتصادي تعاون تنظيم سميت گهڻ رخي ترتيبات ۾ ٻطرفي تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. افغانستان ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال سميت گڏيل ڳڻتي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.