اسلام آباد -20 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف وال??ري?? فلسطيني علائقي ۾ اسرائيلي پاليسين تي انصاف واري عالمي عدالت جي راءِ جي آجيان ڪندي، عالمي برادري ۽ گڏيل قومن تي زور ڀريو ته اهي هن رولن تي عملدرآمد يقيني بڻائين. ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته آءِ سي جي طرفان اسرائيل کي پنهنجو قبضو ۽ غيرقانوني آبادڪاري ختم ڪرڻ جي حوالي ??ان ڏنل رولنگ بهادر فلسطيني عوام جي قانوني جدوجهد جي تصديق آهي. هن عالمي برادري ۽ گڏيل قومن تي زور ڀريو ته اهي رولنگ تي عملدرآمد يقيني بڻائين ۽ گڏيل قومن جي لاڳاکيل ٺهرائن جي روشني ۾ ٻه رياستي حل جي ذريعي فلسطينين جو خوداراديت واري حق کي يقيني بڻائين. وزيراعظم چيو ته ا??ان کي فخر آهي، ته پاڪستان هن ڪيس ۾ حصو ورتو جيڪو فلسطيني ڪاز لاءِ ا??ان جي پختي عزم جو اظهار آهي.