اسلام آباد-05 جولاءِ(اي پي پي) سينٽ ۾ پيپلز پارٽي جي ميمبرن اڳوڻي وزيراعظم شهيد ذولفقار علي ڀٽو کي ملڪ ۾ جمهوريت، آئين ۽ قانون جي بالادستي لاءِ خدمتن تي خراج عقيدت پيش ڪيو.گذريل ڏينهن سينيٽ اجلاس ۾ اعتراض واري نڪتي تي سينيٽر ضمير حسين گهمرو چيو ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جمهوريت خاطر پنهنجي جان جي قرباني ڏني، پنج جولاءِ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بينظير ڀٽو جي ڪوششن کي خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا.پيپلز پارٽي هميشه پارليامنيٽ جي بالادستي لاءِ جدوجهد ڪئي، ان موقعي تي سينيٽر پونجو ڀيل چيو ته 5 ج??لاءِ تي شهيد ذولفقار علي ڀٽو جي جمهوري حڪومت کي ختم ڪري مارشل لا لڳائي وئي اڄ به اسان چئون ٿا ته ماضي جون غلطيون نه ورجايو وڃن. ملڪ ۾ جهموري نظام مضبوط ڪيو وڃي،سينيٽر س??د مسرور احسن چيو ته اسان کي 5 ج??لاءِ جي واقعن مان سکندي ملڪ جي بهتر مستقبل لاءِ ڪم ڪرڻ ??هرجي. سينيٽر س??ف الله ابڙو چيو ته سمورين سياسي قوتن کي گڏجي جمهوريت لاءِ ڪوششون ڪرڻ ??هرجن.