بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان کي پاڻڀرائپ جي منزل سان همڪنار ڪرڻ ۽ ترقي جي لاءِ چي?? جي ماڊل مان فائدو کڻڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان معاشي سڌار?? جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، بدعنواني جي خاتمي، بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۽ چي?? جي حصيداري کي معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ لاڀائتو بڻايون، سي پيڪ ۽ ٻ??ن منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهري?? جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بيجنگ ۾ پاڪ چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ريسيپشن کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته پاڪ چائنا فرينڊشپ اينڊ بزنس ريسيپش?? جي تقريب کي خطاب منهنجي لاءِ اعزاز آهي، پاڪستان ۽ چي?? جي غيرمشروط دوستي جو ڊگهو سفر گڏيل اعتماد ۽ احترام جي رستن تي قائم آهي، اها پائيدار دوستي سرحدن کان ٻاهر هاڻي خلائن ۾ پهچي چڪي آهي، چي?? جي گهٽ عرصي ۾ تيز رفتار ترقي اسا?? جي لاءِ مشعل راهه آهي، پاڪستان 24 ڪروڙ آبادي جو ملڪ آهي، پاڪستان جا سعودي عرب، يو اي اي، ڪويت، ايران، افغانستان ۽ ٻين نار ملڪن سان ڀائراڻا لاڳاپا آهن پر پاڪستان ۽ چي?? جي وچ ۾ دوستي ۽ ڀائيچاري جو دنيا ۾ ڪٿي به مثال نه ٿو ملي، اها دوستي ذاتي مفاد جي لاءِ نه آهي، چين ٻوڏ، زلزلن ۽ ٻين قدرتي آفتن سميت هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي، اها نه ختم ٿيندڙ دوستي ۽ تعلق آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ چي?? جي دوستي بي لوث ۽ هر آزمائش تي پوري لٿي آهي. وزيراعظم چيو ته هن 1981ع ۾ پهريون ڀيرو چين جو دورو ڪيو هو ۽ چي?? جي تعليم، صحت، زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ ترقي جو مشاهدو ڪيو هو، چ??ن مختصر عرصي ۾ ترقي جون منزلون طئي ڪيون آهن، هن عظيم ملڪ بڻجڻ جي لاءِ دنيا جي سامهون هڪ مثال قائم ڪيو ۽ صنعتن ۽ زراع?? جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو ۽ ان ترقي جو مشاهدو اسان اڄ ڪري رهيا آهيون. ??ن چيو ته اڄ 2024ع ۾ چين دنيا جي ٻي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت بڻجي چڪو آهي، پاڪستان چي?? جي تجربن مان فائدو کڻي رهيو آهي، چي?? جي پيداواري صلاحيت سڄي دنيا ۾ مشهور آهي، چين ۾ سينٽرلائزڊ پلاننگ سسٽم آهي، چي?? جي مثالي ترقي اڻٿڪ محنت ۽ ڪم سان لگ?? جي ڪري آهي، چين کانسواءِ دنيا اڄ هڪ قدم به اڳتي نه ٿي وڌي سگهي، اڄ چين جو واپار کربين ڊالر ۾ آهي. چين انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ مصنوعي ذهانت سميت هر شعبي ۾ ڀرپور ترقي ڪئي آهي، چين دنيا جي ٻي بهترين ۽ مضبوط معيشت آهي، چين ۽ پاڪستا?? جي اڄ جي هي تقريب هڪ خانداني ميڙ آهي. ??ن چيو ته جيڪڏهن اسان چي?? جي اڻٿڪ محنت ۽ لگن مان سکون ۽ چي?? جي ماڊل تي عمل پيرا ٿيون ته پاڪستان به دنيا ۾ چيني ڀائرن وانگر وڏو مقام حاصل ڪري سگهي ٿو، چين پنهنجي نوجوانن، صحت ۽ تعليم تي سيڙپڪاري ڪري رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان معاشي سڌار?? جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي، پاڪستان کي ڪاروبار دوست ملڪ بڻائڻ اسا?? جي ترجيح آهي، پاڪستا?? جي پاڻڀرائپ جي منزل سان همڪنار ڪرڻ جي لاءِ سموريون توانائيون استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، وقت اچي ويو آهي ته پاڪستان ۽ چي?? جي حصيداري کي معاشي هدف حاصل ڪرڻ جي لاءِ نتيجاخيز بڻايون، بدعنواني جي خاتمي، بنيادي ڍانچي ۾ تبديلي ۽ روانگي واپار جي فروغ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم چيو ته چي?? جي صدر شي جن پنگ نه رڳو چي?? جي عوام پر پوري دنيا کي ترقي جو رستو ڏيکاريو آهي، شي جن پنگ هڪ ويزنري اڳواڻ آهي جنهن تڪرارن ۽ جنگين کان هٽي ڪري سخت محن?? جي ذريعي اڳتي وڌڻ جو مثال قائم ڪيو آهي، سي پيڪ ۽ بي آر آءِ ان ترقي جو مثال آهي، چيني مصنوعا?? جي اڄ سڄي دنيا ۾ طلب آهي، چي?? جي ترقي جي ماڊل تي عمل ڪري پاڪستان کي نه رڳو خطي پر دنيا ۾ هڪ عظيم ملڪ بڻائينداسين ۽ پاڪستان هڪ اهڙو باغ بڻجندو جنه?? جي خوشبو پوري ملڪ ۾ پکڙجندي، ترقي کانسواءِ دنيا ۾ عزت ڪمائڻ جو ڪو رستو نه آهي. وزيراعظم چيو ته اپريل ۾ بشام ۾ چيني ورڪرز تي حملي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو جنهن ۾ ٽي ٽي پي جي دهشتگرد?? جي ڪارروائي ۾ 5 چيني ڀاءُ ماريا ويا، ان واقعي پوري پاڪستان کي لوڏي ڇڏيو، اسان ان واقعي جي پـٺيان ناپاڪ ارادن کي سمجهي سگهون ٿا، ا?? جي منصوبابندي پاڪ چين دوستي ۽ سي پي?? جي دشمنن ڪئي، ان بزدلاڻي حملي جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ حملي ۾ مارجي ويل چيني شهري?? جي پونئيرن سان تعزيت ڪريون ٿا، پاڪستان ۾ چيني شهري?? جي سلامتي پنهنجي ڀينرن ڀائرن وانگر عزيز آهي، سي پيڪ ۽ ٻ??ن منصوبن تي ڪم ڪندڙ چيني شهري?? جي فول پروف سيڪيورٽي کي يقيني بڻايو ويندو.