اسلام آباد– 04 – اپريل (اي پي پي) وفاقي ڪابينا چائلڊ ويليئر اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪميشن، نيشنل چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر ۽ امپلي مينٽيشن آف نيشنل لائن آف ايڪشن فار چلڊرن سميت انساني حقن واري وزارت جي ماتحت آفيسن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ??ورتن جي وقار بابت نيشنل ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي وئي. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ناڻي واري ڊويزن پاران پيش ڪيل فسيڪل پاليسي اسٽيٽمينٽ مالي سال 23 – 2022ع، ڊيبٽ پاليسي اسٽيٽمنٽ مالي سال 23 – 2022ع ۽ ايئر اينڊ گورنمينٽ پرفارمنس مانيٽرنگ رپورٽ پيش ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا مٿي ڄاڻايل اسٽيٽمنٽس/ رپورٽ کي مروجه قانونن تحت قومي اسيمبلي آڏو پيش ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا پرڏيهي معاملن واري ڊويزن جي سفارش تي اڳوڻي چيف آف نيول اسٽاف ايڊمرل محمد امجد خان نيازي کي سعودي عرب جي حڪومت ۽ ملائيشيا جي حڪومت پاران علي الترتيب ”ڪنگ عبدالعزيز ميڊل بيج آف آنر آف ايڪسلنٽ ڪلاس“ ۽ ”درجه جي پهلونان انگاٽن تينتره“ وصول ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ا??ساني حقن واري ڊويزن جي سفارش تي اسٽيٽس آف وومين بابت نيشنل ڪميشن جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا ا??ساني حقن واري وزارت جي سفارش تي چائلڊ ويليئر اينڊ ڊيولپمينٽ بابت نيشنل ڪميشن، نيشنل چائلڊ پروٽيڪشن سينٽر ۽ امپلي مينٽيشن آف نيشنل لائن آف ايڪشن فار چلڊرن جيڪي انساني حقن واري وزارت جي ماتحت آفيسون آهن کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. انهن ??دارن جا ا??ي سمورا ملازم جيڪي سول سرونٽس آهن ??نهن کي پاڪستان جي سرپلس پول ۾ شامل ڪيو و??ندو. ڪابينا کي ٻڌايو و??و ته نيشنل ڪميشن آن رائيٽس آف چائلڊ ايڪٽ 2017ع تحت نيشنل ڪميشن آن دي رائيٽس آف چائلڊ جو قيام عمل ۾ اچي چڪو آهي جنهن ??ي موجودگي ۾ اهي ادارا غيرضروري ٿي چڪا آهن ڇو ته انهن ??دارن بابت سمورو ڪم ان ڪميشن جي حوالي ڪيو و??و آهي. حڪومت جي ڪفايت شعاري جي پاليسي کي نظر ۾ رکندي انهن ??دارن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو و??و آهي.