اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن ??اري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪيو ويندو، آئين جي آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو، 29 فيبروري تائين ڪنهن به ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪري سگهجي ٿو. اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن ??اري نگران ??فاقي وزير چ??و ته چونڊن جي حوالي سان شڪايتن جي ازالي جي لاءِ قانوني فورمز موجود آهن، قانون جو عمل جاري رهڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن سان زيادتي ٿي آهي ته ان کي انصاف ملڻ گهرجي. هن چ??و ته ڪنهن اميدوار کي ڪا شڪايت آهي ته ان کي قانوني فورمز سان ئي رجوع ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن ??گران ??فاقي وزير چ??و ته بلوچستان حڪومت ملڪي قانونن تحت مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي. مون کي يقين آهي ته ماڻهن جون مشڪلاتون ختم ٿينديون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ?? نگران ??فاقي وزير چ??و ته اطلاع??ت واري وزارت کانسواءِ پارلياماني معاملن ??اري وزارت جي ذميواري پڻ مون تي آهي، قومي اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي لاءِ سمري تي منهنجون صحيحون ٿينديون. هن چ??و ته قانوني طور تي جڏهن مناسب ۽ ضروري ٿيندو اجلاس طلب ڪيو ويندو. نگران ??فاقي وزير چ??و ته اليڪشن ڪميشن کي چونڊن کانپوءِ 14 ڏينهن جي اندر حتمي چونڊ نتيجا جاري ڪرڻا هوندا آهن، آئين جي آرٽيڪل 91 تحت صدر چونڊن کانپوءِ 21 ڏينهن جي اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائي سگهي ٿو، چونڊن جي 21 ڏينهن کانپوءِ قومي اسيمبلي جو اجلاس گهرائڻ جي آخري تاريخ 29 فيبروري آهي، 29 فيبروري تائين ڪنهن به ڏينهن اجلاس گهرائي سگهجي ٿو. هن چ??و ته آئين تحت قومي اسيمبلي جو ڪو به ميمبر وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ وڙهي سگهي ٿو.