اسلام آباد – 31 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته سينيئر صحافي پروي?? شوڪت م??حوم پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل صحافتي دور ۾ سدائين صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو، ميڊيا ورڪرز جي لاءِ مرحوم جي بي لوث خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو، ٽيڪنالاجي جي تبديلي ??ان نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن، عوام کي ڄاڻڻ جو حق صحافت آهي، مستقبل جي ميڊيا ڊيجيٽل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس (ورڪرز) جي اهتمام هيٺ پي ايف يو جي ورڪرز جي صدر، ايپنڪ جي اڳوڻي چيئرمين سينيئر صحافي پروي?? شوڪت م??حوم جي ياد ۾ منقعد تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته پروي?? شوڪت پنهنجي چار ڏهاڪن تي ٻڌل صحافتي دور ۾ سدائين ميڊيا ورڪرز جي معاشي حقن جي لاءِ آواز اٿاريو، هو صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جو مضبوط آواز هو، ميڊيا ورڪرز ۽ صحافت جي شعبي ۾ سندس بي لوث خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته پروي?? شوڪت هڪ سٺو ۽ مخلص ان??ان هو، هن پنهنجي زندگي ۾ سدائين صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حقن جي جنگ وڙهي، مرحوم هڪ عظيم ورثو ڇڏيو آهي جنهن کي ان جي ساٿي اڳواڻن کي اڳتي وڌائڻ گهرجي. هن چيو ته ا??ان کي پروي?? شوڪت م??حوم جي ڪاميابين تي رشڪ آهي. هن چيو ته پروي?? شوڪت جي لاڏاڻي ??ان پريس ۽ ميڊيا انڊسٽري ۾ جيڪو خال پيدا ٿيو آهي اهو ڪڏهن ڀرجي نه ٿو سگهبو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته ٽيڪنالاجي تبديل ٿي رهي آهي ۽ نوان رجحان سامهون اچي رهيا آهن جن ۾ ڪجهه مثبت ۽ ڪجهه منفي آهن. هن چيو ته آرٽيفيشل انٽيلي جنس، وائيس ڪلوننگ، ڊس انفارميشن، پروپئگنڊه جي دور ۾ ميڊيا ورڪرز جي حقن ۽ معاشي مستقبل جو تحفظ ڪرڻ هڪ مشڪل ڪم آهي جنهن تي ڪميونٽي جي طور تي ا??ان کي سنجيدگي ??ان سوچڻ گهرجي. هن چيو ته صحافت هڪ مشن ۽ عوام جي ڄاڻڻ جو حق آهي، ان حق جي لاءِ وڙهڻ به صحافت آهي. هن چيو ته مستقبل جي ميڊيا ڊيجيٽل آهي، ميڊيا جي اندر چڪاس جو نظام لازمي جز جي حيثيت رکي ٿو، ا??ان کي ان نظام کي بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اهو نظام ختم ٿي ويو ته صحافت به ختم ٿي ويندي. هن ڊيجيٽل ادارا قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ا??ان کي مستقبل جي ٽيڪنالاجي جي عالمي رجحانن ??ان گڏ اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته پروي?? شوڪت م??حوم پنهنجي دور جي گهرجن کي سامهون رکندي ميڊيا ورڪرز ۽ صحافين جي حقن جو دفاع ڪيو، اڄ کيس خراج عقيدت پيش ڪرڻ جو اهو ئي بهترين طريقو ??هي ته ا??ان انهن معاملن تي سنجيدگي ??ان سوچون ۽ موجوده دور جي گهرجن ??ان هم آهنگ ٿيندي اڳتي وڌون. تعزيتي ريفرنس ۾ سينيئر سياستدان فرحت الله بابر، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري شاهيره شاهد ۽ صحافين جي وڏي انگ پڻ شرڪت ڪئي.