اسلام آباد-29 ڊسمبر (اي پي پي)پا?? فوج جي سرب??اه?? جنرل سيد عاصم منير زرعي شعبي جي اهميت تي زور ڀر??ند?? چيو آهي ته گرين پاڪستان انيشيئيٽو تحت سمورن ضلعن ۾ زرعي مالز منعقد ڪيا ويندا جتي آبادگارن کي هر طرح جون زرعي سهولتون ميسر هونديون، هر قسم جي مافيا کي قوم سان گڏجي ختم ڪنداسين، سوشل ميڊيا تي ڏڦيڙ، مايوسي ۽ افراتفري جو ماحول پيدا ڪيو پيو وڃي. هو ڪسان ڪنويشن کي خطاب ڪري رهيو هو. هن چيو ته 60 جي ڏهاڪي ۾ پاڪستان ايشيا جو تيزي سان ترقي ڪندڙ ملڪ هو پر اسان قائداعظم جي ٽن سنهري اصولن ايمان، اتحاد ۽ تنظيم کي وسارڻ سبب تنزلي جو شڪار ٿياسين. آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته زراعت ۽ مال چارڻ نبوي پيشو رهيو آهي ڇاڪاڻ ته ان پيشي ۾ ڊسيپلين، تڪليف ، اوسر ۽ صبر شامل آهن جن جي نتيجي ۾ تمام وڏا انعام ملندا آهن، پاڪستان جي باري ۾ افواهه ۽ ناڪاري ڳالهيون ٻڌايون پيون وڃن پر اوهان کي خبر هجڻ گهرجي ته ڪلمي جي نالي تي ٻه ئي رياستون قائم ٿيون، رياست طيبه ۽ رياست پاڪستان، هي رڳو اتفاق ناهي. هن چيو ته پاڪستان وسيلن سان مالا مال آهي، پاڪستان وٽ گليشيئرز، درياءَ، جبل، سمنڊ ۽ زرخيز زمين آهي جنهن مان دنيا جو بهترين چانور، ڪينو ۽ انبن جهڙا ميوا، گرينائيٽ، سون ۽ ٽامي جهڙا خزانا موجود آهن. هن چيو ته گرين پاڪستان انيشيئيٽو جو مقصد اهو ئي آهي ته اسان کي سڀ کان پهرين زراعت تي ڪم ڪرڻو آهي، گرين پاڪستان انيشيٽو جي آمدني جو وڏو حصو صوبن ڏانهن و??ند?? جڏهن به باقي حصو آبادگارن ۽ زرعي ريسرچ لاءِ رکيو و??ند??. فوج جو ان ۾ رول صرف عوام ۽ آبادگارن جي خدمت آهي. آرمي چيف چيو ته سمورن ضلعن ۾ زرعي مالز منعقد ڪيا ويندا جتي آبادگارن کي هر طرح جون زرعي سهولتون ميسر هونديون. آسان زرعي قرضن، ڪولڊ اسٽوريج جي چين، موسمياتي تبديلي جي اثرن کان محفوظ ٻج ۽ جينيٽڪلي انجنيئرڊ لائيو اسٽاڪ جي ف??اه??ي کي يقيني بڻايو و??ند??، هر قسم جي مافيا کي قوم سان گڏجي سزا ڏينداسين، هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ڏڦيڙ، مايوسي ۽ افراتفري جو ماحول پيدا ڪري ڪوڙين خبرن ذريعي اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته رياست پنهنجو وجود وڃائ??ند?? پئي وڃي. آرمي چيف جي خطاب دوران آبادگار بار بار نعره تڪبير ۽ پاڪستان زنده آباد جا نعرا لڳائيندا رهيا. ڪسان ڪنوينشن دوران آبادگارن جي پا?? فوج زنده باد جا به نعرا هنيا ويا.