اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين پائمالين تي گهري ڳڻتي جو ا??ها?? ڪندي چيو آهي ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي ق??بض فو?? والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون جاري رکيون آهن، آڪٽوبر ۾ قابض فو?? 17 ڪشميرين کي شهيد ۽ 10 کي زخمي ڪيو. ترجمان چيو ته ٻه سئو کان وڌيڪ گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۽ گهرن تي ڇاپن دوران گهرن کي تباهه ۽ 78 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. هن چيو ته اهي ڪارروايون گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران والاريل ڪشمير ۾ قابض فو?? پاران انساني حقن جي مسلسل خلاف ورزين جي عڪاسي ڪن ٿيون. ترجمان چيو ته تاريخ ثابت ڪيو آهي ته انساني حقن جي مقامي حالتون ۽ انساني ق??نون جون منظم خلاف ورزيون نا??اب?? تصور سانحن جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. هن چيو ته عالمي برادري کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي ق??ضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ اهڙي طرح جي سانحي کي روڪن جي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ ڀارت تي زور ڏيڻ گهرجي ته هو پنهنجو غيرقانوني ق??ضو ختم ڪري ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ق??اردادن تي عملدرآمد ڪري جيڪي ڪشمير جي ماڻهن جي خودمختياري جي حق کي تسليم ڪن ٿيون.