اسلام آباد – 10 – نومبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاڪستاني ٽيچر سسٽر زيف کي گلوبل ٽيچر پرائيز 2023ع کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي ان کي پاڪستان جي لاءِ هڪ شاندار لمحو قرار ڏنو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چي?? ته پاڪستان جي لاءِ هي هڪ شاندار لمحو آهي جڏهن سسٽر زيف گلوبل ٽيچر پرائيز 2023ع کٽيو آهي. هن چي?? ته تعليم منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي ڇ?? ته رڳو تعليم ئي اسان کي پاڻ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي ??لڪ جي لاءِ اعزاز حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڳتي وٺي وڃي ٿي. هن ان ??ابل قدر ڪاميابي تي سسٽر زيف کي مبارڪباد ڏني. سسٽر زيف جڏهن 13 سالن جي هئي ته هن پٺتي پيل ٻ??رن جي لاءِ پنهنجي گهر جي اڱڻ ۾ اسڪول جو بنياد رکيو. هوءَ عورتن جي حقن ۽ ٻ??رن جي تعليم جي وڪيل ۽ حقيقي تبديلي آڻيندڙ عورت آهي. هن کي هي ايوارڊ يونيسڪو جي سهڪار سان ڏنو ويو. هن ايوارڊ جي لاءِ 130 ملڪن مان 7 هزار درخواستون مليون هيون جن مان ??ن هي ايوارڊ کٽيو.