ڪراچي-09 نومبر (اي پي پي) پاڪ فضائيه علامه محمد ??قبال جي يومِ پيدائش جي مناسبت سان شاعر مشرق کي خراجِ عقيدت پيش ڪيو آهي. پاڪ فضائيه جي ترجمان طرفان ڪالهه جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو ته اقبال جي شاعريءَ ۾ فڪر ۽ خيال جي گهرائي ملي ٿي. نوجوان نسل کي شاهين سان مخاطب ڪري اقبال جتي ان ۾ رف??ت خيال، جذبه عمل ۽ وسعت ??ظر?? ?? جرائت پيدا ڪرڻ چاهيو پئي اتي ان جي جذبي تجسس جي ڀرپور تڪمي?? پڻ چاهيو ٿي. شاهين جيڪو پکين جي دنيا جو درويش آهي پنهنجي خودي ڄاڻي ٿو. تجسس ۾ ان جي فطرت ۽ گهٽڻ جي عادت آهي، هو فضاءِ بسيط جو واحد حڪمران آهي جيڪو فضا ۽ بلندين سان محبت ڪري ٿو. دستاويزي فلم ۾ ان عهد جي تجديد ڪئي وئي آهي ته پاڪ فضائيه جي هر شاهين مادرِ وطن جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار آهي ۽ ضرورت پوڻ تي ڪنهن به قربانيءَ کان نه ڪيٻائيندو.